اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ترڪمانستان جي وفد جي پاڪستان جي دوري دوران ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي ج?? شعبي ۾ ٻطرفي تعاون تي ??يان ڏنو ويندو. اها ڳالهه ترجمان پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ترڪمانستان جو هڪ اعليٰ سطحي وفد مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئس جي چيئرمين جي قيادت ۾ ٽن ڏينهن جي دوري تي ??ذريل ڏينهن پاڪستان پهتو آهي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي ج?? شعبي ۾ ٻطرفي تعاون بشمول ترڪمانستان – افغانستان – پاڪستان – ڀارت (تاپي) گئس پائيپ لائين ۽ ترڪمانستان – افغانستان – پاڪستان پاور ٽرانسم??شن لائين پراجيڪٽ تي ??يان ڏنو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻ??ي ڌريون (تاپي) پائيپ لائين پراجيڪٽ جي تيز رفتار عملدرآمد جي لاءِ ”گڏيل عملدرآم?? پلان“ کي حتمي شڪل ڏينديون. هن چيو ته منصوبي جي پڄاڻي پاڪستان جي عزم سان گڏوگڏ سستي، قابل اعتماد ۽ پائيدار توانائي جي لاءِ ان جي عزم جو عڪاس هوندو.