اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار قومي اقتصادي سروي 23 -2022ع جاري ڪرڻ جي موقعي تي تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪردگي جي تفصيل سان ڀيٽ پيش ڪئي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2013ع کان وٺي 2018ع تائين جي مدي ۾ آءِ ايم ايف سان پروگرام مڪمل ڪرڻ کانسواءِ معيشت جي استحڪام کي يقيني بڻايو ۽ دانشمنداڻين پاليسين سبب پاڪستان جي معيشت دنيا جي 24 هين وڏي معيشت بڻجي وئي جڏهن ته گذريل ساڍن چئن سالن ۾ ناقص ڪارڪردگي جي ڪري 47 هين نمبر تي پهچي ويو. ناڻي واري وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت مجموعي قومي پيداوار کي 2013ع ۾ 3.9 سيڪڙو مان وڌائي 2018ع ۾ 6.1 سيڪڙو تائين پهچائي ڇڏيو. انهي مدي ۾ مجموعي طور تي جي ڊي پي ۾ ٻه سيڪڙو جو اضافو ٿيو، ان جي ابتڙ پي ٽي آءِ جي حڪومت جي شروعاتي ٻن سالن ۾ جي ڊي پي جي جي شرح ۾ گهٽتائ?? آئي ۽ آخري سال ۾ بيس (base) سال کي تبديل ڪري جي ڊي پي کي 6 سيڪڙو ڏيکاريو ويو. مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ بلحاظ ڳاڻ??ٽو جي ڊي پي ۾ 97.9 سيڪڙو جي واڌي ٿي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ 18.7 سيڪڙو جي واڌ ڏيکاري وئي آهي، هن چيو ته 2013ع ۾ في ڪس آمدني 1446 ڊالر هئي جيڪا 2018ع ۾ 1768 ڊالر ٿي وئي، ان جي ابتڙ پي ٽي آءِ جي دور ۾ ٻه سيڪڙو جي گهٽتائ?? آئي، 2018ع ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو اهڃاڻ 4 سيڪڙو هو جيڪو 2022ع ۾ 12.2 سيڪڙو تي پهچي ويو، 2018ع ۾ کاڌي پيتي جي شين جي مهانگائي جي شرح 3.8 سيڪڙو هئي جيڪا 2022ع ۾ 13.4 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي. 2018ع ۾ بنيادي ناڻي واڌ 5.8 سيڪڙو هئي جيڪا 2022ع ۾ 8.1 سيڪڙو ٿي وئي، 2018ع ۾ امپورٽ جو ڳاڻ??ٽو 55.7 ارب ڊالر هو جيڪو 2022ع ۾ 71.5 ارب ڊالر ٿي ويو، جي ڊي پي جي شرح سان امپورٽ جو ڳاڻ??ٽو 2018ع ۾ 15.6 سيڪڙو هو جيڪو 2022ع ۾ 19 سيڪڙو تائين پهچي ويو. 2018ع ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻ??ٽو 16.4 ارب ڊالر هو جيڪو مالي سال 2022ع ۾ 15.5 ارب ڊالر هو. قرضن جو ڳاڻ??ٽو 2018ع ۾ 24953 ارب هو جيڪو 2022ع ۾ 49242 ارب روپيا ٿي ويو، پرڏيهي قرضن جو ڳاڻ??ٽو 2018ع ?? 70.2 ارب ڊالر هو جيڪو 2022ع ۾ 88.8 ارب ڊالر ٿي ويو.