اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي مهارت ۽ صلاحيتن تي پڪو اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نوجوان پن??نجي خداداد صلاحيتن سا?? سمورين رڪاوٽن کي عبور ڪري ملڪ جي خوشحال مستقبل جي راهه هموار ڪري سگهن ٿا، پاڪستان کي معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اهڙن پروگرامن کي فروغ ڏنو وڃي جن جو مقصد مختلف شعبن ۾ انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي فروغ ڏيڻ هجي. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نيشنل انوويشن ايوارڊ اسان جي نوجوانن جون تخليقي صلاحيتون پيش ڪرڻ جي صلاحيت کي اڀاري ٿو جن کي موثر منصوبن ۾ آڻي سگهجي ٿو، 20 هزار درخواست ڏيندڙن مان 100 ذهين نوجوانن ۾ 16 ڪروڙ رپين جي روڪ رقم ورهائي وئي، ان ۾ 20 لک رپين تائين جو ايوارڊ ڏنو ويو، جيڪ?? پيش ڪيل آئيڊياز جي غيرمعمولي نوعيت تي ٻڌل آهي. وزيراعظم يقين ظاهر ڪيو ته پاڪستان کي معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اهڙن پروگرامن کي فروغ ڏنو وڃي جن جو مقصد مختلف شعبن ۾ انٽر پرينيورشپ ۽ انوويشن کي فروغ ڏيڻ هجي جيڪو اسان جي سماجي ۽ اقتصادي تر??ي جي لاءِ اهم آهي. شهباز شريف چيو ته انهن کي پن??نجي باصلاحيت نوجوانن جي مهارت ۽ صلاحيت تي پڪو اعتماد آهي ته اهي رستي ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي عبور ڪري ملڪ جي خوشحال مستقبل جي راهه هموار ڪري سگهن ٿا، پن??نجي هوشيار ن??جوانن سا?? ملڻ سدائين خوشي جو سبب بڻجي ٿو.