اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فرانس جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستاني عوام ۽ پنهنجي پاران فرانس جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فرانسيسي جمهوريه جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي نالي پنهنجي خط ۾ چيو ته پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، ٻنهي ??لڪ?? جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، گڏيل موقف ۽ ڊگهي فورمز تي ويجهي تعاون تي ٻڌل آه??. ه?? چيو ته فيبروري ۾ صحيحون ڪيل ٻطرفي تعاون جي روڊ ميپ سان وا??ار، عوامي رابطن، تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ توانائي جهڙن شعبن ۾ ڊگهي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صدر يقين ظاهر ڪيو ته صدر ميڪرون جي متحرڪ قيادت ??اسان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل فائدي جي لاءِ اعليٰ سطحي تي کڻي وينداسين. ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ فرانس جي صدر لاءِ سٺي صحت، فرانس جي عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.