اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ گڏيل ثقافت ۽ تاريخ جي بنياد تي بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان اردن سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ اردن جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ابراهيم يالا المدني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفادن جي لاءِ ا??دن سان اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون وڌائ?? جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻ?? جي لاءِ سياسي، ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا تي زور ڏنو. صدر اردن جي امن ڪوششن ۽ سياسي ۽ سفارتي ذريعن سان فلسطين جي مسئلي جي حمايت کي ساراهيو. هن فلسطين جي عوام جي خودمختياري واري حق جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر عالمي برادري پاران اهڙن واقعن کي روڪ?? جي لاءِ موثر قدم کڻ?? جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته بين المذاهب هم آهنگي، رواداري ۽ هڪ ٻئي جي مذهب جي گڏي?? احترام کي فروغ ڏي?? جي ضرورت آهي. صدر اردن جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي پاڪستان ۾ قيام دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي بهتر بڻائ?? جي ڪوششن کي ساراهيو.