اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي شهيدن ک?? ملڪ جي دفاع خاطر جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شاندار لفظن ۾ خراج ع??يدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي رابطو ڪري شهيدن کي خراج ع??يدت پيش ڪيو. صدر 13 جولاءِ تي ڪڇي ڪينال، سوئي بلوچست??ن ۾ حملي جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر ??ارف علوي نائيڪ اسماعيل خان، سپاهي عبدالغفور ۽ سپاهي شفقت الله جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر وارثن سان ڳالهه ٻولهه دوران شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن کي ساراهي??. ه?? شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قرباني جي جذبي ۽ حب الوطني کي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.