اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??گران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين جي مڪمل پاسداري ڪندي، اس??ن وٽ لامحدود اختيار نه آهن، پنهنجي اختيارن کان تجاوز نه ڪرڻ چاهينداسين، پنهنجي ڪردار اس??ن کي ثابت ڪرڻو آهي ته اس??ن جو ڪو به فيورٽ نه آهي، سمورين پارٽين کي برابر موقعا ڏيڻ ۽ ان کي يقيني بڻائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي کي لڳي ٿو ته ان سان امتيازي سل??ڪ ٿي رهيو آهي ته هو اليڪشن ڪميشن يا عدالت وٽ وڃي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات واري ??گران وفاقي وزير چيو ته پرويز الاهي کي هڪ ايف آءِ آر تحت گرفتار ڪيو ويو آهي، ان جي گرفتاري جي حوالي سان پوليس وٽ اختيار هو ته ان کي گرفتار ڪري. هن چيو ته ڪو به سياستدان ڪنهن ڪيس ۾ گرفتار ٿئي اهو سياسي قيدي ناهي هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پرامن احتجاج جو حق ۽ اظهار راءِ جي آزادي هر ڪنهن کي حاصل آهي، پرامن احتجاج عوام جو حق آهي پر پرتشدد احتجاج ۽ رستا بند ڪرڻ جي گنجائش آئين ۾ نه آهي. چونڊن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته اس??ن اليڪشن ڪميشن جا ٻانهن ٻيلي آهيون، آزاداڻيون، منصفاڻيون، شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ جي جيڪا تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي ان تي چونڊن کي يقيني بڻائڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪندا??ين. هڪ ٻئي سو??ل تي هن چيو ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين سان هڪ جهڙو سل??ڪ ٿيندو. هن چيو ته حڪومت جي پاليسين جي وضاحت ضروري ??وندي آهي، ڪراچي اقتصادي حب آهي، واپاري برادري سان ملاقاتن جي شروعات نگران وزيراعظم انوارالحق ڪئي آهي.