GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

گذريل چئن سالن ۾ ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو، موجوده اقتصادي ٽيم متوازن ۽ بهتر بجيٽ پيش ڪيو: راڻا تنوير حسين

image

اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي)تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته جهڙي طرح گذريل چئن سالن ۾ ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو، ادارن کي تباهه ڪيو ويو، انهن حالتن ۾ موجوده اقتصادي ٽيم متوازن ۽ بهتر بجيٽ پيش ڪيو آهي، اسان پاڪستان لاءِ پنهنجي سياست قربان ڪئي، جنهن وقت اسان اقتدار ۾ آياسين ته اسان کي گذريل حڪومت جي تباهڪارين جي حوالي سان بريفنگ ڏني وڃي ته اسان جا وار ڪانڊارجي ويا پر ملڪ جو ڏيوالو ڪڍڻ جي سمورين سازشن کي ناڪام بڻائيندي ڏينهن رات ڪم ڪيو، عمران خان 2013ع ۾ ئي قوم کي سول نافرماني جي ترغيب ڏئي رهيو هو ان جي خلاف انهي وقت ڪارروائي ٿيڻ گهربي هئي. ايندڙ مالي سال 24 -2023ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته مشڪل ترين اقتصادي حالتن ۾ متوازن بجيٽ پيش ڪيو، گذريل چئن سالن جي حڪومت معاشي حالتن کي تباهه ڪري ڇڏيو، اسان کي ان جو ڪجهه پتو هو، پي ٽي آءِ جا ميمبر پاڻ ادارن ۽ معيشت جي تباهي جي ڪري ان حڪومت جي خلاف هئا، حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ بريفنگ ۾ وار ڪانڊارجي ويا، اسان جي اندازي کان وڌيڪ تباهي سامهون آئي، اهو سمجهڻ کان قاصر هئاسين ته ڪٿان کان شروع ڪريون، اسان جي اقتصادي ٽيم جو ٽريڪ رڪارڊ به سامهون هو، ماضي ۾ ڪافي درستگي ڪئي، 2013ع ۾ به حالتون سٺيون نه هيون، بجلي جي لوڊشيڊنگ بدترين هئي، ناڻي واڌ 12 سيڪڙو هئي، مٽاسٽا جو ناڻو گهٽ ترين سطح تي هو، ايستائين جو ڪنهن شعبي ۾ بهتري نه هئي، نواز شريف جي سربراهي ۾ 3 سالن ۾ بجلي جا ڪارخانا لڳا، بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي، وزيراعظم کي اقامي تي ڪڍيو ويو، جي آءِ ٽي ۾ وزيراعظم گريڊ 20 جي آفيسر جي سامهون پيش ٿيندو رهيو، هتي جيڪو ٿيو سڀني کي خبر آهي، پوءِ الزام تراشي جو دور آيو، نواز شريف دور ۾ فارن ريزرو 23 ارب ڊالر کان ٽپي ويا، اسٽاڪ ايڪسچينج مٿي ويو، ناڻي واڌ 4 سيڪڙو تائين اچي وئي، هر شعبي ۾ بهتري آئي، ڊالر 105 روپين تي هو، گذريل حڪومت ڪرنسي جو برو حال ڪيو، اسان خوشحال ۽ ترقي ڪندڙ پاڪستان ورثي ۾ ڏنو، پرڏيهي قرض ورتو ته 1700 ڪلوميٽر موٽر ويز ٺهيون، ميٽرو، بندرگاهون ٺهيون، بجلي جا منصوبا لڳايا ويا، هن چيو ته هڪ عالمي سازش تحت عمران خان کي آندو ويو، هن ماضي ۾ به ادارن تي حملا ڪيا، ان جي ان وقت جون تقريرون سول نافرماني هيون، مٽاسٽا جو ناڻو هنڊي ذريعي موڪلڻ جا سبق ڏيندو رهيو، بجلي جا بل جمع نه ڪرائڻ جو چيو، ان تي ان وقت ڌيان ڏيڻ ۽ ان کي روڪڻ جي ضرورت هئي، اسان ان جو نتيجو ڀوڳي رهيا آهيون، 2018ع جي چونڊن لاءِ عام ڌانڌلي ڪئي وئي، پري پول به ڀرپور ڌانڌلي ٿي، معيشت، پاڪستاني ادارن سان راند کيڏي وئي، عمران خان جي مزاج خلاف جنهن ڳالهايو ان تي ڪاهه ڪئي، هن پارليامينٽ جي توهين ڪئي، هن ايوان مان 2013ع کان 2018ع دوران به استعيفا ڏني، پوءِ واپس اچي پگهار به ورتا، عمران خان پاڻ پگهار ورتو، هي ڪا سياسي پارٽي ناهي پر هڪ جٿو هو جيڪو رکيوويو هو، اسان سڀني جيلون ڪٽيون، هي ٻه ڏينهن جيل ڪٽي نٿا سگهن ۽ روئي رهيا آهن، سياسي ڪردار بڻائڻ قوم جو ڪم آهي، وفاداريون بدلائڻ وارن کي ٻيهر قوم ووٽ ناهي ڏيندي، عمران خان جي حڪومت کانپوءِ اسان جهاد ڪيو، ڪا سياسي پارٽي پنهنجي عوامي حمايت نٿي وڃائڻ چاهي پر اسان رياست لاءِ سياست قربان ڪئي، هي قرباني پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ هئي. هن چيو ته گذريل حڪومت پاڪستان کي ڊيفالٽ ڪرائڻ لاءِ هر ڪم ڪيو، پرڏيهي سازش جي حوالي سان جهڙي طرح ڊپٽي اسپيڪر آرٽيڪل 5 جو سهارو وٺي هتي جيڪا رولنگ ڏني جيڪڏهن ان تي عمل ٿي وڃي ها ته ماضي ۾ نيپال، بنگلاديش کان عمران خان وانگر سائفر گهرائي بي اعتمادي رٿ رد ڪئي وڃي ها، اهو چوڻ هو ته آئون اقتدار مان نڪتس ته وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندس ۽ هن ادارن تي حملا ڪري ثابت ڪيو، هن ايوان مان 150 ميمبر وٺي نڪري ويو، ان جو ڪم عدم استحڪام پکيڙڻ هو، آءِ ايم ايف کي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ناڻي واري وزيرن خط لکيا ته پروگرام نه ڏيو، پنهنجي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي ۽ آمريڪا جي دوري کانپوءِ ان جي ڪاميابي جو سهرو بشريٰ بي بي کي ڏنو ويو، پاڪستان اڄ جتي بيٺل آهي ان جو ذميوار عمران خان آهي، ڇا قوم اهڙن ماڻهن جي ٻيهر چونڊ ڪندي، ڀٽو جوهري پروگرام شروع ڪيو، نواز شريف ڪلنٽن جي طرفان 5 ارب ڊالر جي آفر ٿڏي ايٽمي ڌماڪا ڪرايا، انهن سمورين حالتن جي باوجود موجوده اقتصادي ٽيم بهترين بجيٽ پيش ڪيو، هن متوازن بجيٽ ۾ هر شعبي جو احاطو ڪيو ويو، عوام کي رليف ڏنو ويو، زراعت پاڪستان جي ڪرنگهي واري هڏي آهي ان کي اولين ترجيحن ۾ رکيو ويو آهي.

مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس