اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) صدر ??اڪٽر ع??رف علوي سنڌ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ??اڪٽر ع??رف علوي آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت ايڊيشنل ججن جي مقرري ڪئي. صدر سنڌ هاءِ ڪو??ٽ لاءِ جسٽس مسز راشده اسد، جسٽس عبدالمبين لاکو ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي جي نالن جي منظوري ڏني جڏهن ته پشاور هاءِ ڪو??ٽ لاءِ جسٽس صاحبزاده اسد الله، جسٽس محمد نعيم انور ۽ جسٽس وقار احمد جي نالن جي م??طو??ي ڏني وئي.