اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو، افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي گهري ??ظر آهي، وزيراعظم عمران خ??ن جي افغانستان ۾ گڏيل حڪومت جي تجويز مڃي وڃي ها ته اڄ افغانستان ۾ صورتحال مختلف هجي ها، نريندر مودي جي حڪومت ۾ ڀارتي عوام ڪارو ڏينهن ئي ملهائي سگهي ٿي، ڪووڊ دوران ڀارت ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جي ذميداري ??ريندر مودي تي لاڳو ٿئي ٿي، قيام پاڪستان کان وٺي هن وقت تائين جو سفر وڏين قربانين ۽ جدوجهد تي ٻڌل آهي، قوم يقين رکي عمران خ??ن جي قيادت ۾ ملڪ ترقي جي طرف گامزن آهي، پاڪستان جو مستقبل مستحڪم، آزاد ۽ ترقي يافته قوم جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي آزادي ڪپ 2021ع جي انعام ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو ته ڪراچي کان خيبر تائين سڄي ملڪ ۾ آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي، اڄ جو ميچ آزادي جي خوشين ۾ اضافي جو باعث بڻيو، اهي ميچز اسان جي آزادي جو ثمر آهن، پور?? قوم کي آزادي جو مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته قيام پاڪستان کان وٺي هن وقت تائين جو سفر وڏين قربانين ۽ جدوجهد تي ٻڌل آهي، اسان لاچاري جي حالتن ۾ پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو پر اڄ اسان وٽ بهترين گرائونڊز، سٺا رانديگر ۽ بهترين يونيورسٽيون موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ صرف هڪ هيوي انڊسٽري جو هڪ ڪارخانو هو، اڄ پاڪستان جيٽ جهاز تيار ڪندڙ 9 ملڪن ۾ شامل آهن، اڄ اسان گاڏيون پاڻ تيار ڪري رهيا آهيون، اسان دنيا جي پنجين وڏ?? قوم آهيون، اسان جو شمار دنيا جي 7 ايٽمي طاقتن ۾ ٿيندو آهي، هن چيو ته اهي ڪاميابيون اسان کي آزادي جي نعمت جي ڪري ??ليون، ڪجهه ماڻهن کي مايوسي پکيڙڻ جي عادت هوندي آهي، هن چيو ته جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان کي فيصلن ۾ آزادي حاصل ناهي، ته اهي هندستان ۽ پاڪستان جي مسلمانن جي حالتن جو مشاهدو ڪري ??ٺن، فرق پاڻ ئي سامهون اچي ويندو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي آزادي جو قدر ڪندي الله جو ٿورو ادا ڪرڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي وطن تي شهيد ٿيندڙن جي قربانين کي ياد رکڻ گهرجي، جن جي قربانين جي ڪري اڄ اسان ڪرڪيٽ ميچ کيڏي رهيا آهيون ۽ امن سان زندگي گذاري رهيا آهيون. چوڌري ??واد حسين چيو ته پنهنجي خوشين ۾ انهن شهيدن ۽ انهن ماڻهن کي ياد رکڻ گهرجي جنهن پنهنجي زندگي ۾ مصيبتون ۽ ڏک ڏٺا، اڄ انهن جي قربانين جي ڪري اسان آزادي جهڙي نعمت مان لطف وٺي رهيا آهيون، وفاقي وزير چيو ته قوم يقين رکي ته عمران خ??ن جي قيادت ۾ ملڪ ترقي طرف گامزن آهي، پاڪستان جو مستقبل مستحڪم، آزاد ۽ ترقي يافته قوم جو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ بدلجندڙ صورتحال جو غور سان جائزو وٺي رهيا آهيون، عمران خ??ن جي افغانستان ۾ گڏيل حڪومت جي تجويز مڃي وڃي ها ته اڄ افغانستان ۾ صورتحال مختلف هجي ها. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ڪابل ۾ سموريون ڌريون هڪ آئين ۽ قانون تي متفق ٿي وڃن ته جئين افغانستان ۾ امن اچي سگهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نريندر مودي جي حڪومت ۾ ڀارتي عوام ڪارو ڏينهن ئي ملهائي سگهي ٿي. ڪووڊ – 19 دوران ڀارت ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جي ذميداري ??ريندر مودي تي لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته ان وقت جڏهن دنيا ڪوورنا کي شڪست ڏيڻ جي ويجهو هئي، نريندر مودي جي غلط پاليسين جي ڪري ڊيلٽا وائرس پوري دنيا ۾ پکڙيو، اسان کي ڀارت جي عوام سان همدردي آهي.