اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو آهي ته ??زي??اعظم عمران خان اهو واحد ليڊر آهي جيڪو عوامي خدمت جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي، پيپلز??ار??ي سميت واريون لڳائيندڙ سياسي ??ار??ين ڪرپشن، مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، جيڪڏهن انهن کي عوام جو ايترو ئي خيال هجي ها ته اهي پنهنجي دورن ۾ ڪ??پشن بدران عوامي خدمت تي ڌيان ڏين ها، پي ٽي آئي جي واحد حڪومت آهي جنهن هر سال صوبن کي اين ايف سي کانسواءِ به برابر موقعا فراهم ڪيا آهن، سنڌ جي حڪومت جي ڪرپشن جي لازوال داستانن جي ڪري ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان، پاڻي فراهمي جي ڪي فور منصوبي تي وفاق پاڻ ڪم ڪري رهيو آهي. بلاول زرداري جي بيان تي ردعمل ۾ مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو ته بلاول صاحب، اڄ تائين ته توهان اهو نه ٻڌائي سگهيا ته اين ايف سي جي مد ۾ وفاق پاران ڏنل 1900 ارب ڪٿي استعمال ٿيا، ڪوڙ، ڪرپشن، مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس پيپلز??ار??ي جي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي، پرچيءَ چيئرمين صاحب، سليڪيٽيڊ جي تعريف تي توهان پورو لهو ٿا، سڀ ڄاڻين ٿا ته هڪ وصيت تي توهان ان عهدي تي آهيو. هن چيو ته انصاف، قانون جي بالادستي ۽ عوامي خدمت جي بنياد تي 2023ع جي اليڪشن ۾ به پي ٽي آئي ڪلين سوئيپ ڪندي، بلاول سميت ڌانڌلي سٽيل ۽ چور رستي کان اقتدار ۾ ايندڙ ائين ئي منهن ڏسندا رهندا، عوام ڄاڻي ٿي ته پيپلز??ار??ي سدائين عوام جي خدمت جي آڙ ۾ ڦرلٽ ڪئي آهي. هن چيو ته بلاول صاحب، توهان جي ڪارڪردگي اها ئي آهي ته زرداري جي اولاد آهيو، ڪڏهن ڪنهن سياسي جدوجهد ۾ شامل نه ٿيا.