اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ت?? شهباز شريف لکين ماڻهن جو اسلام آباد ۾ ميڙ ڪرڻ بدران ??نهنجي ڀاءُ کي برطانيا مان ??طن واپس گهرائي، جهڙي طرح هو عالمي طاقتن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا اهو شرم جو سبب آ??ي، پوري دنيا جو ڌيان ??ن وقت افغانستان تي آهي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ان ??اب?? هڪ لفظ نه چيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهباز شريف جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ظاهر ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ صبح شهباز شريف قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي کل جوڳي پريس ڪانفرنس ڪئي، کيس مشورو آهي ته جيڪڏهن کل ڀوڳ جي موڊ ۾ هجي ته اهڙي جڳهه تي نه وڃي پر پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪري. چوڌري فواد حسين چيو ته هو لکين ماڻهن جو اسلام آباد ۾ ميڙ ڪرڻ بدران ??نهنجي ڀاءُ کي برطانيا مان ??اپس گهرائي، شهباز شريف جو ڀاءُ وطن واپس اچي پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏي. هن پنهنجي ڏوهٽي جي شادي تي هڪ ملين ڊالر خرچ ڪيا ۽ رات جو شهباز شريف ۽ نواز شريف پاڪستاني عوام جي لاءِ مهانگائي تي ڳوڙها واهيا، ان ??ان ثابت ٿئي ٿو ته هو پاڪستان جي مسئلن ??اب?? سنجيده نه آهن. هن چيو ته انهن جو خاندان اربين رپين جون عياشيون ڪري ??هي?? آهي هڪ تقريب تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ??هي?? آهي، ٻئي طرف توهان ??هانگائي جو گوڙ ڪري رهيا آهيو، مهانگائي سميت سمورين حالتن کي عوام کي منهن ڏيڻو آهي، انهن کي لنڊن ۾و يهي پاڪستاني عوام جي جيتري پرواهه آهي اسان کي خبر آهي. اطلاعات واري وزير چيو ت?? شهباز شريف جي خلاف ڪيسن جي جيڪا صورتحال آهي ان ۾ هو سياست ڇڏي ڏي ۽ پنهنجي وڪيلن سان گڏ وڌيڪ وقت گذاري، جهڙي طرح جون حالتون آهن لڳي نه ٿو ته هو گهڻو عرصو جلسن کي خطاب ڪري سگهندو، ان جي خلاف مضبوط ڪيسز آهن جلد ئي انهن جو فيصلو ٿيندو. هن چيو ته (ن) ليگ جي سياست جي منافقت جو اندازو ان ڳالهه مان ??ڳائي سگهجي ٿو ته انهن افغانستان جي صورتحال تي ڪا ڳالهه نه ڪئي، هو چاهين ٿا ته نواز شريف برطانيا ۾ خوش رهي ۽ برطانيا ۽ آمريڪا انهن کان خوش رهن. هن چيو ته جهڙي طرح اهي عالمي طاقتن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا اهو شرم جو سبب آ??ي، شهباز شريف کي گهرجي ته في الحال سياست تي گهٽ ڌيان ڏي ڇو ته سندس پارٽي ۾ اهو ٽاس ٿي ??هي?? هوندو آهي ته هن مهيني هو صدر آهي، اڳئين ڀيري مريم نواز ۽ ان کان اڳئين ڀيري شاهد خاقان عباسي صدر هوندو.