اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرينگر هاءِ وي تي احتجاجين طرفان رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن جي گاڏي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چ??و آهي، ته ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ٽولو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي ره??و آهي، پاڪستان ڪنهن به ڏڦيڙ ۽ رتوڇاڻ کي برداشت نٿو ??ري سگهي. ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ رتوڇاڻ قبولڻ جوڳي ناهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف حملي ۾ گاڏي سان لتاڙيل رينجرز ??هلڪارن جي شهادت تي دلي غم ۽ افسوس جو ??ظهار ڪ??و آهي. وزيراعظم شهيد ٿيل اهلڪارن جي بلند درجن ۽ سندن ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي جلد نشاندهي ڪر?? کين واقعي جو ??ميوار قرار ڏئي سزا ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيل رنيجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي آڙ ۾ پوليس ۽ رينجرز ??ي اهلڪارن تي حملا مذمت جوڳا آهن، ڏڦيڙي ٽولو قانون لاڳ ڪندڙ ادارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي ره??و آهي. پوليس ۽ رينجرز ??ا اهلڪار شهر ۾ امن و امان لاڳو ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته ڏڦيڙي ٽولي هٿان شهيد سيڪيورٽي اهلڪارن جي خاندانن جون زندگيون تباهه ڪيون ويون آهن، ڏڦيڙي ٽولو گذريل ڏينهن پوليس اهلڪارن ۽ اڄ رينجرز ??ي اهلڪارن کي شهيد ڪر?? معصوم ٻارڙن ۽ سندن ڪٽنبن آڏو جوابده آهي. وزيراعظم چيو ته ڏڦيڙي ٽولو انقلاب نه رتوڇاڻ چاهي ٿو، هي پرامن احتجاج ناهي شدت پسندي آهي ۽ پاڪستان ڪو به ڏڦيڙ ۽ رتوڇاڻ برداشت نٿو ??ري سگهي. ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ رتوڇاڻ قبولڻ جوڳي ناهي ۽ انتهائي مذمت جوڳي آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم شهيد ٿيل رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪر?? ٿي.