اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) و??ير??عظ?? محمد شهباز شريف ٻ?? ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿي ويو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظ?? محمد شهباز شريف صاف پاڻي ۽ پاڻي ذخيرن جي تحفظ جي حوالي سان رياض ۾ منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. سعودي عرب، فرانس، قازقستان ۽ عالمي بئنڪ جي حصيداري سان منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس جو مقصد عالمي سطح تي عالمي تعاون ۽ اعليٰ سطحي سياسي عزم جي ذريعي پاڻي ذخيرن جي بهتر انتظام ۽ تحفظ کي حاصل ڪرڻ يقيني بڻائڻو آهي. و??ير??عظم سربراهي اجلاس دورا?? صاف پاڻي جي ذخيرن جي بحالي، تحفظ ۽ ان حوالي سان جدت جي موضوع تي خطاب ڪندو. و??ير??عظم پاڻي ذخيرن جي تحفظ، ماحولياتي تبديلي کان بچاءُ جي تياري، پيئڻ جي پاڻي جي معيار جي بهتري، روزگار جي فراهمي ۽ آبي حيات جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي روشني وجهندو. و??ير??عظم ماحولياتي تبديلي جي ڪري آيل ٻوڏن، موسمن ۾ بي وقت تبديلي ۽ وڌندڙ گرمي پد جي پاڻي ذخيرن ۽ آبي حيات تي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ عالمي تعاون جي اهميت تي روشني پڻ وجهندو. و??ير??عظم عالمي برادري کي پاڻي وسيلن جي پائيدار ۽ بهتر انتظام جي لاءِ قدمن جي دعوت ڏيندو. ان موقعي تي و??ير??عظم جون سربراهه اجلاس ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ متوقع آهن. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ و??ير??عظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ و??ير??عظم سان گڏ آهن.