??سل??م آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ انگريزي اخبار ”دي نيشن“ جي ايڊيٽر سلمان مسعود جي والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعز??تي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سلمان مسعود ۽ ٻين پونيئرن سان دلي تع??يت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سلمان مسعود جي والد جي لاڏاڻي ??ي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، والد جو لاڏاڻو ناقابل تلافي نقصان آهي. پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.