اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي)هائوسنگ اينڊ ور??س واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته وڌندڙ آباديءَ سان هائوسنگ جي ضرورتن کي به هنگامي بنيادن تي ڏسڻو پوندو، پاليسي س??زيءَ ۾ يونيورسٽين ۽ ريسرچرز جو اِن پُٽ اڻٽر آهي. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن گذريل ڏينهن نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگوئجز ۾ ريئل اسٽيٽ جي موضوع تي ڪانفرنس کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته نمل مبارڪن جي مستحق آهي ته پهريون ڀيرو ان موضوع تي اهڙي ڪانفرنس منعقد ڪئي. هائوسنگ جي ضرورتن کي هنگامي بنيادن تي ڏسڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته اسان کي انهن ملڪن جي ماڊلز جي پيروي ڪرڻي پوندي جن نئين آئيڊياز سان هائوسنگ ۽ ريئل اسٽيٽ ۾ بي پناهه ترقي ڪئي. ان سان گڏوگڏ پاليسي س??زيءَ ۾ يونيورسٽين ۽ ريسرچرز جو اِن پُٽ به اڻٽر آهي. هن چيو ته ريئل اسٽيٽ ۽ هائوسنگ ۾ شفافيت ۽ سهڪار جو فقدان آهي، شاگرد اسان جو قيمتي س??مايو آهن جن جي شموليت ريئل اسٽيٽ جي ش??بي ۾ نواڻ آڻيندي.