اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چي?? آهي ته لشڪر ڪشي بدران پارليامينٽ ۾ مسئلا اٿارڻ بهترين طريقو آهي ۽ اهو سلسلو جاري رهڻ گهرجي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خا?? ۽ ٻين ميمبرن طرفان اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي هن چي?? ته رولز آف بزنس تحت پارلياماني سيڪريٽري وزير جي غير موجودگي ۾ سوالن جا جواب ڏئي سگهن ٿا. اسان سخت محنت سان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ خدشا حڪومت تائين پهچائينداسين. هن چي?? ته لشڪر ڪشي بدران پارليامينٽ ۾ مسئلا اٿارڻ بهترين طريقو آهي، ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. آئون ماهر معاشيات ته ناهيان پر ڪجهه شين کي درست ڪرڻ ضروري آهي. پي ٽي آءِ جي دور ۾ اسٽيٽ بئنڪ کي خ??دمختيار بڻائڻ لاءِ قانون ٺاهيا ويا، مهانگائي گهٽ ٿي آهي ته ان جي نتيجي ۾ پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ٿي آهي، تنقيد ڪرڻ گهرجي پر سٺن قدمن جي واکاڻ به ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بهتري آئي آهي، وزيراعظم روزانو ٻه ٽي اجلاس سيڙپڪاري ۽ معيشت جي حوالي سان ڪري رهيو آهي، اسٽيٽ بئنڪ ڪالهه جيڪي انگ اکر جاري ڪيا آهن ان سان حڪومت جي پاليسين ۽ ڪارڪردگي جي عڪاسي ٿي رهي آهي. ان کان اڳ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب خا?? چي?? ته حڪومت جي دعوائن جي ابتڙ ناڻي واڌ جي شرح ۾ گهٽتائي نه اچي رهي آهي، هن چي?? ته روينيو ۾ اوسر گهٽ ٿي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن ۾ توازن رکڻ لاءِ امپورٽ تي پابندي آهي. هن چي?? ته اسان جا هزارين ڪارڪن جيلن ۾ آهن، اسان جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن تي ڪيس ٺاهيا پيا وڃن. هن چي?? ته خورشيد شاهه جي صدارت ۾ خصوصي ڪميٽي جو اجلاس گهرايو وڃي ۽ اسان جي ميمبرن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي. هن چي?? ته هن 5 سوال ۽ هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرايو هو پر ان کي ايجنڊا تي نه آندو ويو آهي. سيد نويد قمر اعتراض واري نقطي تي چي?? ته سوالن واري وقفي دوران ڪنهن به وزير ڪنهن سوال جو جواب ناهي ڏنو، پارلياماني سيڪريٽري سهولتن ۽ آساني لاءِ ته بهتر آهي تنهن هوندي به اها بنيادي ذميواري وزير جي آهي ته هو سوالن جا جواب ڏي. ان مع??مل?? تي چيئر جي رولنگ اچڻ گهرجي. ڊپٽي اسپيڪر چي?? ته چيئر طرفان ان تي ڏک جو اظهار پڻ ڪيو ويو آهي، اسان ان مع??مل?? تي وزيراعظم کي خط به لکنداسين.