اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اسان کي افغانستان جي وقتي وزير خليل الرحمان حقاني جي مارجڻ ۽ ڪابل ۾ افغان پناهگيرن جي وزارت ۾ دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهرو صدمو پهتو آهي. نائب وزيرا??ظم سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي دلي تعزيت پيش ڪندي چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي بنا ڪنهن فرق جي مذمت ڪري ٿو. نائب وزيرا??ظم چيو ته اسان وڌيڪ تفصيل ڄاڻڻ جي لاءِ عبوري حڪومت سان رابطي ۾ آهيون.