اسلام آباد– 18 – ڊسمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف قاهره ”ايندڙ سڀاڻي جي معيشت جي لاءِ نوجوانن، ننڍي ۽ وچولي طبقي جي ڪاروبار ۾ سيڙپڪاري“ جي موضوع تي منعقد اسرندڙ ملڪن (ڊي – 8) جي 11هين سربراهي اجلاس ۾ ش??ڪت جي لاءِ ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي مصر روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي روزگار جي فراهمي، جدت جي فروغ ۽ مقامي ڪاروبار جي ترويج جي بنيادن تي مضبوط ۽ حصيداري تي ٻڌل معيشت جي لاءِ نوجوانن، ننڍي ۽ وچولي طبقي جي ڪاروبار (ايس ايم ايز) ۾ سيڙپڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪندو. وزيراعظم اسرندڙ ملڪن جي تنظيم ڊي – 8 جي جوڙيل بنيادي اصولن تي تعاون ۽ عملدرآمد جي حوالي سان پاڪستان جي مضبوط عزم جو اظهار ڪندو. وزيراعظم ڪانفرنس ۾ ش??يڪ ملڪن جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند ترقي جي لاءِ حصيدارين سان گڏوگڏ زراعت، غذائي تحفظ ۽ سياحت ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏيندو. وزيراعظم نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي معاشي ترقي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن تي پڻ روشني وجهندو. وزيراعظم اسرائيلي جارحيت ۽ وحشياڻي ظلم جي نتيجي ۾ وچ او??ر جي صورتحال، انساني بحران ۽ غزه ۽ لبنان ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي مسئلن تي منعقد ڊي – 8 جي خ??وص?? اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم فلسطين جي حوالي سان پاڪستان جي اصولي موقف کان آگاهي ڏيندي وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ تي زور ڏيندو. وزيراعظم ان موقعي تي سربراهي اجلاس ۾ ش??ڪت جي لاءِ آيل مختلف ملڪن جي سربراهن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي و??ير??عظم سان گڏ ڪانفرنس ۾ ش??ڪت ڪندا.