اسلام آباد- 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، ڏکڻ ڪوريا ۾ موان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي جهاز حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته افسوسناڪ واقعي جو ٻڌي انتها??ي ڏک ٿيو آهي. ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جهاز حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته حادثي جي نتيجي ۾ ڪيتريون قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ اسان جون ني?? تمنائون ۽ دعائون متاثر خاندانن ۽ جمهوريه ڪوريا جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن.