اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته حڪومت غريب ۽ پگهاردار طبقي تي بار نه وڌائيندي، روانگي ۽ پيداوار ۾ اضافي لاءِ جامع منصوبابندي سان اڳتي وڌينداسين، حڪومت ڪووڊ 19 جي ??والي سان دانشمند پا??يس??ون اختيار ڪيون ۽ ڪورونا وائرس جا اثر گهٽ ڪرڻ يا ختم ڪرڻ طرف وڌي ميگا اقتصادي پيڪيج تحت خصوصي رعايتن سان وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 9 سيڪڙو ۽ زراعت ۾ 2.77 سيڪڙو وڌي. ڪڻڪ، چانور، مڪئي ۽ ڪمنڊ جا بمپر پيداوار حاصل ٿيا، مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ ناڻي جي ??ؤسر واري شرح جي مد ۾ 26 ارب ڊالر حاصل ٿيا ۽ سال جي پڄاڻيءَ تي 29 ارب ڊالر ٿي ويا. ناڻي اؤسر واري شرح ۾ واڌ وزيراعظم عمران خان جي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ??عتماد جو مظهر آهي، ايندڙ مالي سال لاءِ محصولن جو هدف 5800 ارب رپيا رکيو پيو وڃي، گردشي قرضن جي ??اتمي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. گذريل ڏينهن قومي اقتصادي سروي 21-2020ع جاري ڪرڻ جي موقعي تي وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ روينيو بابت وزيراعظم جي ??اص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته موجوده مالي سال جڏهن شروع ٿيو ته ڪووڊ 19 جي وبا جي پهرين لهر پکڙي هئي، حڪومت ڪووڊ 19 جي ??والي سان دانشمنداڻيون پا??يس??ون اختيار ڪيون ۽ ڪورونا وائرس جا اثر گهٽ ڪرڻ ڏانهن وِک وڌائي، سمارٽ لاڪ ڊائون جي ??والي سان فيصلو دانشمنداڻو ثابت ٿيو، حڪومت مالياتي ۽ زري بنيادن تي پڻ فيصلا ڪيا. وزيراعظم پنهنجي ڪوششن سان هائوسنگ ۽ اڏاوتن جي ??عبي لاءِ خاص رعايتي پيڪيج ڏنا، ان سلسلي ۾ بين الاقوامي مالياتي فنڊ کان خاص رعايتون حاصل ڪيون ويون، شهرين کي ويڪسين جي فراهميءَ جو عمل شروع ڪيو ويو، اين سي او سي جو قيام هڪ وڏو قدم هو، جنهن جي مؤثر نگرانيءَ ۾ ڪ??وڊ 19 تي قابو پائڻ ۾ مدد ملي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڪووڊ 19 جي پهرين لهر ۽ لاڪ ڊائون سان ڪم ڪندڙ 5 ڪروڙ 60 لک ماڻهن جي ??عداد گهٽ ٿي ڪري 3 ڪروڙ 50 لک جي سط?? تي اچي ويو، يعني 2 ڪروڙ ماڻهو جن مان اڪثر ڏهاڙي دار، ذاتي روزگار واري آبادي شامل هئي بيروزگار ٿي کين ڪو ڪم نه ملي رهيو هو. وزيراعظم ان سلسلي ۾ دانشمنداڻيون پا??يس??ون اختيار ڪيون، ان جي نتيجي ۾ گذريل سال آڪٽوبر ۾ ڪ?? ڪندڙ ماڻهن جو تعداد ٻيهر وڌي 5 ڪروڙ 30 لک ٿي ويو، معيشت بحال ٿي ۽ اؤسر طرف گامزن ٿي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته سال جي ??روعات ۾ ناڻي واري اؤسر جي ??رح 2.8 سيڪڙو لڳايو ويو. آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ ان کان گهٽ اؤسر جي ??ندازو لڳائي رهيا هئا جڏهن ته حڪومت انساني زندگين جي ??حفظ ۽ ڪاروبار جي ??والي سان جيڪي فيصلا ڪيا انهن جا بهتر نتيجا سامهون آيا، حڪومت ميگا اقتصادي پيڪيج تحت مينوفيڪچرنگ، ٽيڪسٽائل، تعميرات ۽ زراعت لاءِ خصوصي رعايتن جو اعلان ڪيو.