اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين جي صدر زي جن پنگ پاران ماحولياتي تبديلين ۽ ماحوليات کي پهچندڙ نقصان ۽ ايڪو سسٽم جي بحالي ل??ءِ تعاون جي آڇ جي آجيان ڪريون ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ تقريب دوران چين جي صدر زي جن پنگ پاران ڀرپور پيغام تي سندس ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته اهو پاڪستان پاران زوال پذير ماحوليات کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي عزم جو ??ڪا?? آهي. اسان صدر زي جن پنگ جي قيادت ۾ ماحوليات کي پهچندڙ نقصان ۽ ايڪو سسٽم جي بحالي ل??ءِ سندس پاران تعاون جي آڇ جي آجيان ڪريون ٿا.