اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پ??ڻي جي کوٽ ۽ وڏن شهرن ۾ ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??اڻ?? جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻٽر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي ا??بن سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ??نصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پ??ڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سي اي او راوي ا??بن ڊولپمينٽ اٿارٽي عمران امين، وائيس چيئرمين ايل ڊي اي ايس ايم عمران ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا، اجلاس ۾ ٻنهي اهم منصوبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيفائر بي ۾ ترقياتي ڪم ايندڙ هفتي ڪنٽريڪٽ جاري ڪرڻ کانپوءِ جلد شروع ڪيو ويندو، انڊسٽريل زون جي حوالي سان منظوري جو عمل به جون ۾ مڪمل ٿي ويندو جنهن کانپوءِ انفرااسٽرڪچر جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويندو. راوي سٽي ۾ اقرا يونيورسٽي، يو ايم ٽي ۽ آءِ ايس سي پنهنجا ڪيمپسز قائم ڪنديون. اقرا يونيورسٽي پنهنجي ڪيمپس سان گڏوگڏ اسپتال جي تعمير ۾ به دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، اجلاس کي راوي سٽي ۾ واسا جي ٽن واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس جي منتقلي ۽ ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي ا??تعما تي به بريفنگ ڏنيو ئي، شرڪت ڪندرن جڊيشل واٽر ڪميشن پ??ران انوائرنمنٽل پروٽيڪشن ايجنسي کي راوي سٽي منصوبي لاءِ منظوري جي عمل کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايتن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو.