GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

سي پيڪ ڀارت کي کٽڪي ٿو: فرخ حبيب

image

اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ايٽمي ملڪ آهي ان جو نه رڳو خطي پر عالم اسلام ۾ هڪ اهم مقام آهي، سي پيڪ ڀارت کي کٽڪي ٿو، پاڪستان جي بهتري ۽ ترقي جي هر منصوبي ۾ ملڪ دشمن قوتون ٽنگ اڙائي رهيون آهن، انهن کي گڏجي ناڪام بڻائڻو پوندو، وزيراعظم عمران خان انغانستان ۾ پرامن سياسي مفاهمت لاءِ ڪردار جاري رکيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته امن کي موقعو ملي، پاڪستان ڪنهن جنگ يا انتشار جو حصو نٿو بڻجڻ چاهي. هو اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۾ مختلف فرقن جي وچ ۾رابطن جي حوالي سان فڪري ويهڪ کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل بين المذاهمب اتحاد رابطا مضبوط ڪرڻ، ديني معاملن ۽ ان سان جڙيل معاشرتي رخن تي پوري قوم جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. قومي سطح تي حڪومت ۽ عوام کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل کان بهترين رهنمائي ملي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جو آئين سمورن ماڻهن کي آزاد راءِ جو حق ڏي ٿو، ان سان گڏ اسان جا ڪجهه پيراميٽرز به موجود آهن ان تي عملدرآمد ذميداري جو رخ آهي، ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي انهن رخن کي اجاگر ڪندا آهن جيڪي فالٽ لائنز آهن ان سان اسان جي دشمن کي فائدو پهچندو آهي. هن چيو ته تازن ڏينهن ۾ يورپين ڊس الفوليب تحت معلوم ٿيو ته ڀارت مختلف ويب سائٽس، سوشل ميڊيا تي اڪائونٽس تان جعلي خبرن جي ذريعي پاڪستان جي خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيو هو، اڄ جو دورو انفارميشن جو دور آهي، اڄ جو دور ففت جنريشن وار ۽ وار اف اوپنين جو دور آهي، ان ۾ سمورن مذهبن سان تعلق رکندڙ عالمن جي ذميداري وڌي ويندي آهي ته، علماءُ ممبر، محراب، ديني ۽ معاشرتي سطح تي عوام سان رابطي ۾ رهندا آهن، ماڻهو مختلف ڪمن ۽ مسئلن تي انهن کان رهنمائي چاهيندا آهن، هن چيو ته سوشل ميڊيا تي جيڪڏهن انفرادي سطح تي اهڙي وڊيو اپ لوڊ ۽ وائرل ٿي ويندي آهي جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿيندي آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهو ڪم ڪندڙ جي سوچ ۽ فڪر جو اهو معيار نه آهي ته هو ان جي نتيجن تي غور ۽ فڪر ڪري سگهي پر هو ايئن کي ان کي اڳتي وڌائيندا آهن ۽ ان سان معاشري ۾ نفرت وڌندي آهي ۽ فرقيواريت کي هوا ملندي آهي. هن چيو ته دنيا پاڪستان جي ڪردار کي تسليم ڪندي آهي، تازن ڏينهن ۾ پاڪستان افغانستان ۾ امن عمل ۾ مثبت ڪردار جار رکيو، وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ پرامن سياسي مفاهمت لاءِ ڪردار جاري رکيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته امن کي موقعو ملي، پاڪستان ڪنهن جنگ يا ڇڪتاڻ جو حصو نٿو بڻجڻ چاهي، هن چيو ته سي پيڪ اهڙو منصوبو آهي جنهن جي پنهنجي اهميت آهي، پاڪ چين دوستي تمام گهڻي گهري آهي، ٻئي پاڙيسري ۽ دوست ملڪ مشڪل وقتن ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، انفرااسٽرڪچر، سماجي ترقي سميت هر شعبي ۾ چين جو تعاون حاصل آهي، هن چيو ته سي پيڪ اسان جو دشمن ملڪ ڀارت کي کٽڪندو آهي، اتحاد ۽ مضبوطي جي ذريعي اسان انتشار جو گلو دٻائڻو آهي، ملڪ ۾ امن ۽ قومي سلامتي جي معاملن تي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻو آهي، ڪنهن به ناسمجهه يا گهٽ عقل کي موقعو ناهي ڏيڻو ته هو سمجهندي يا ناسمجهندي دشمن جو سهولتڪار بڻي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي اختلافن کي ملڪ دشمن قوتن استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي پهرين اسان ناڪام بڻايو ۽ ايئن ئي آئنده به اهڙي مذموم ڪوششن کي ناڪام بڻائڻو آهي، هن چيو ته جهڙي طرح پاڪستان گذريل سال ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود جي ڊي پي 4 سيڪڙو رکيو ۽ 29 ارب روپين جي مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان آيو، جولاءِ ۾ اسان اڍائي ارب ڊالر جو روانگي واپار ڪيو آهي، روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو ته معاشي طور تي مستحڪم ٿينداسين، هن چيو ته پيغام پاڪستان تي 1800 کان وڌيڪ عالمن، مفتين جون صحيحون آهن، انهي سوچ ۽ عمل کي اڳتي وٺي هلڻو آهي.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین