پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن پشاور ۾ مغل دور ۾ تعمير ٿيل تاريخي عمارت علي ??رد??ن خان ويلا جو دورو ڪيو ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان ۽ وڏو وزير محمود خان کانسواءِ عسڪري ۽ قديمي آثارن واري کاتي جا عملدار به موجود هئا. وزيراعظم کي علي ??رد??ن ويلا جي بحالي ۽ رنگ روغن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم عمران خان ڄاڻايل عمارت جي بحالي ۽ رنگ روغن لاءِ آرڪيالاجي کاتي جي ڪوششن کي ساراهيو، هن چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪري ايندڙ نسلن کي پنهنجي شاندار ماضي جي باري ۾ آگاهي ڏيڻي آه??. وزيراعظم علي ??رد??ن ويلا جي مختلف حصن جو دورو به ڪيو ۽ هتي موجود مغليه دور جي آثار قديمه جو ??عا??نو ڪيو.
ياد رهي ته علي ??رد??ن ويلا 11 ڪور آرمي هيڊڪوارٽر جي اندر واقع آه??، اها عمارت مغل دور ۾ علي ??رد??ن خان 17 هين صدي ۾ ٺاهي هئي جيڪو مغل بادشاهه شاهجهان جي حڪومتي دور جو مشهور سپه سالار، انجنيئر ۽ ڪشمير، ڪابل ۽ لاهور جو گورنر رهيو آه??، مغليه فن تعمير جي اها شاهڪار عمارت پنهنجي دور جي خوبصورت ترين عمارتن ۾ شامل هئي. 2015ع کان پهرين ڄاڻايل عمارت ڌيان نه ڏيڻ سبب کنڊر جو منظر پيش ڪري رهي هئي جنهن تي آرڪيالاجي پاڪ فوج جي تعاون سان 2015ع ۾ ان جي بحالي ۽ رنگ روغن شروع ڪيو جيڪا هاڻي مڪمل ٿي چڪي آه??.
تاريخي عمارت علي ??رد??ن خان کانپوءِ سک حڪومتي دور ۾ فرانسيسي نزاد جنرل ڪلاوڊ آگسٽ ان عمارت کي پنهنجو آستانو بڻايو ۽ 1827ع کان 1843?? تائين اتي رهيو ان کانپوءِ 1847ع ۾ ليفٽيننٽ جنرل سر جارج لاورنس جيڪو پشاور جو پهريون ڊپٽي ڪمشنر هو، ان عمارت کي سرڪاري طور تي رهائشگاهه ۾ تبديل ڪري پنهنجي خاندان سان مستقل رهڻ لڳو بعد ۾ ليفٽيننٽ جنرل هيري بٽ به ان تاريخي عمارت ۾ رهيو ان کانپوءِ اها عمارت رڪارڊ روم جي طور تي به استعمال ۾ رهي آه??.