اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ سومر ڏينهن لاهور ۾ مياواڪي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. 10 ارب سونامي منصوبي تحت مون سون ۾ وڻڪاري جي لاءِ وزيراعظم دنيا جي سڀ کان وڏي مياواڪي فاريسٽ جو افتتاح ڪرڻ جي لا??ِ لاهور جو دورو ڪندو. اهو فاريسٽ 100 ڪينال تي ٺاهيو ويو آهي جڏهن ته ان ۾ هڪ لک 65 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا جيڪي منفرد مياواڪي ٽيڪنالاجي سا?? معمول جي وڻن جي مقابلي ۾ 10 ڀيرا جلد وڏا ٿيندڙ ٻوٽا آهن. شهري ٻيلا تيزي سا?? پوکڻ جي لاءِ مخصوص زمين جي تياري سا?? گڏوگڏ مختلف قسمن کي مختلف واڌويجهه جي شرح سا?? استعمال ۾ آندو پيو وڃي. لاهور جي مختلف حصن ۾ مياواڪي جي 53 ٻيلن جي نشاندهي مختلف جاين تي ??ئي وئي آهي جنهن سا?? ڪاربن ۾ گه??تائي سا?? گڏوگڏ شهري آلودگي ۾ گه??تائي آڻي سگهبي. وزيراعظم عمران خان لاهور جي آلودگي کان پاڪ ۽ باغن جي شهر جي تجديد ۽ بحالي جي لاءِ پرعزم آهي. موجوده مون سون دوران سڄي ملڪ ۾ 50 ڪروڙ ٻوٽا لڳايا پيا وڃن جيڪا پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي وڻڪاري آهي.