GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

(ن) ليگ جو ويزن 2025ع موٽو گينگ جي دولت وڌائڻ، مني لانڊرنگ کي تيز ڪرڻ، ٽي ٽيز کانسواءِ عملي طور تي ڪجهه ناهي: فرخ حبيب

image

اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته (ن) ليگ جو ويزن 2025ع موٽو گينگ جي دولت وڌائڻ، مني لانڊرنگ کي تيز ڪرڻ، ٽي ٽيز کانسواءِ عملي طور تي ڪجهه ناهي، (ن) ليگ جي پوري قيادت بزدل بڻيل آهي، عمران خان جو احتساب جو عمل رڪجڻ وارو نه آهي، (ن) ليگ ۽ ٻين لُٽ مار ڪندڙن کي پئسا واپس ڪرڻ جو فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي، 45 سيڪڙو تي امپورٽيڊ فيول تي بجلي جا منصوبا لڳائيندڙ نواز، شهباز ۽ مسلسل ڪوڙ ڳالهائيندڙ برگيڊ جي مجرماڻي علفت آهي، 10 نون آبي ذخيرن جي منصوبن ۾ ايترو پاڻي ذخيرو ٿي سگهندو جيترو 70 سالن دوران ذخيرو ٿيندو رهيو آهي، ملڪ ٽي ڀيرا بئنڪ ڊيفالٽ تي پهتو، ٻه ڀيرا (ن) ليگ ۽ هڪ ڀيرو پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي، اڄ اهي ئي ماڻهو معيشت جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اسان جي حڪومت سيلز ٽيڪس ۾ اضافي، ايڊوانس ٽيڪس ۽ ايمنسٽي جهڙين اسڪيمن کانسواءِ 4730 ارب جون ٽيڪس وصوليون ڪيون ۽ هلندڙ سال 5800 ارب جون ٽيڪس وصوليون يقيني بڻائيندي. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ وري احسن اقبال پريس ڪانفرنس ۾ ڪوڙ جي انتها ڪري ڇڏي آهي، (ن) ليگ جي 18 -2017ع پي ايس ڊي پي ۾ اربين روپين جي لاڳت جا غير منظور شده منصوبا شامل ڪيا ويا. هن چيو ته تاريخ کڻي ڏسون ته خبر پوي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي روايت پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ وڌي ڇو ته پنهنجي دورن ۾ اهي مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس، ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي اولادن کي جائيدادن ۽ ڪاروبار لاءِ پاڪستان مان لُٽيل پئسو موڪليندا رهيا آهن، اها کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ پاڻ ئي آءِ ايم ايف وڃڻ جي شروعات ڪئي. هن چيو ته احسن اقبال جي هڪ پريس ڪانفرنس رڪارڊ جو حصو آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته پي ٽي آءِ حڪومت کي فوري طور تي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو ڇو ته هنن ملڪي معيشت جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو هو، هن چيو ته (ن) ليگ جي ڪارن ڪارنامن جي ڪري 18 -2017ع ۾ پاڪستان بئنڪ ڊيفالٽ جي ويجهو هو، 15 ڏينهن جا پرڏيهي ذخيرا رهجي ويا هئا، رڪارڊ ٻاهريان قرض ورتا ويا، 17 ارب ڊالر مارڪيٽ ۾ ڦٽا ڪيا ويا ان جي مقابلي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جا ٽن سال گهڻا بهتر هئا، اسان جي حڪومت جي آغاز تي معاشي بدحالي، ادارا تباهه هئا ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ ڪورونا وائرس جهڙي عالمي وبا کي منهن ڏيڻو پيو ان جي باوجود ملڪي معيشت کي روان رکيو ۽ 4 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ حاصل ڪئي، روانگي واپار 24.4 ارب رهيو جيڪڏهن سروسز کي شامل ڪريون ته اها 31 ارب ڊالر بڻجي وڃي ٿي. هڪ سال دوران 29.4 ارب ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان آيو، هن چيو ته اسان جي معاشي ٽيم جي محنت جي ڪري 10 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس ٿيو، ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ رڪارڊ روانگي واپار ٿيو، 2 ارب ڊالر جي آءِ ٽي برآمدات به رڪارڊ آهي، هن چيو ته پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ ڊالر انفلو 60 ارب ڊالر کان ٽپي چڪو آهي، 2018ع ۾ اهو 50 ارب ڊالر کان به گهٽ هو، هن چيو ته لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 14 سيڪڙو کان وڌيڪ گروٿ ٿي آهي، هن چيو ته گذريل سال آبادگارن کي 1100 ارب اضافي ڏنا ويا، 500 ارب ڪڻڪ جي آبادگارن کي ڏنا ويا انهي ڪري ڪڻڪ، چانور، مڪئي، ڪمند سميت سموري پيداوار رڪارڊ ٿي آهي، هن چيو ته (ن) ليگ وارن مهانگا بجلي جا منصوبا لڳايا جنهن جي ڪري 2023ع تائين 1500 ارب ڪيپسٽي پيمنٽس ڪرڻي پوندي. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ 10 هزار ميگاواٽ سستي بجلي لاءِ 10 وڏن آبي ذخيرن جي منصوبن تي ڪم جاري آهي، 1963ع کان پوءِ پاڪستان ۾ ڪو به وڏو آبي منصوبو نه ٺهيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته گرين ڊپلوميسي ۾ اڄ دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو نالو آهي ته اهو عمران خان آهي، اسان هڪ ارب ٻوٽا پوکيا ۽ هاڻي 10 ارب ٻوٽا پوکڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ صحت انصاف ڪارڊ ڪي پي ڪي جي سموري آبادي کي فراهم ڪيو ويو آهي هاڻي ڊسمبر تائين پنجاب جي سموري آبادي کي هيلٿ ڪارڊ ملي ويندا. هن چيو ته گهٽ آمدني وارن هائوسنگ جي منصوبي کي عوامي سطح تي پذيرائي ملي آهي، نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ پنج لک جا بنا وياج قرض، گهر ٺاهڻ لاءِ 27 لک فراهم ڪيا پيا وڃن، 145 ارب جي قرض جون درخواستون هن وقت تائين ملي چڪيون آهن، انهن مان 45 ارب جا قرض منظور ٿي چڪا آهن، هن چيو ته رهائشي ۽ ڪمرشل هائوسنگ منصوبن لاءِ 1000 ارب جي سيڙپڪاري منصوبن جي منظوري ٿي چڪي آهي ۽ ان مان 4500 ارب جو معاشي اثر ايندو ۽ 7 لک نوڪريون پيدا ٿينديون، هن چيو ته عمران خان هن ملڪ کي مديني جي رياست وانگر فلاحي رياست بڻائڻ سان گڏوگڏ سائي جهنڊي جي سربلندي لاءِ عملي جدوجهد جاري رکندو.

مضمون کا ماخذ : پھل اور سات