اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان جو دؤرو ملتوي ٿيڻ هڪ سازش آهي، ڪوبه سيڪيو??ٽي ٿريٽ نه هو، نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي اسان جي سيڪيو??ٽي ادارن فول پروف سيڪيو??ٽي فراهم ڪئي.
گهرو وزارت جي ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪستان جي سمورن سيڪيو??ٽي ادارن بشمول ايس ايس جي ۽ 4 هزار پوليس اهلڪارن سيڪيو??ٽي فراهم ڪئي ۽ اسان جي ادارن وٽ ڪنهن به قسم جي سيڪيو??ٽي ٿريٽ جو اطلاع نه هو جنهن جو ذڪر نيوزيلينڊ جي سيڪيو??ٽي انچارج طرفان ڪيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان دوشنبي ۾ هڪ اهم پرڏيهي اجلاس ۾ هو جنهن کي ان صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو جنهن تي وزيراعظم عمران خان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ کيس ڪرڪيٽ ٽيم کي هر ممڪن سيڪيو??ٽي جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ کيس ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڪوبه خطرو ناهي،
جڏهن ته پاڪستان جي سيڪيو??ٽي قدمن تي اطمينان جو به اظهار ڪيو ويو هو. نيوزيلينڊ جي هڪ سيڪيو??ٽي ٽيم به پاڪستان آئي هئي جنهن پاڪستان جي سيڪيو??ٽي قدمن کي تسلي بخش قرار ڏنو هو ۽ ان کان به اسان کي ڪنهن به قسم جي ٿريٽ ڪال جو ڪو ثبوت ناهي مليو. ڀارتي ميڊيا پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهي آهي پر پاڪستاني قوم قومي سلامتيءَ جي مسئلي تي هڪ پيج تي آهي ۽ عمران خان جي قيادت ۾ متحد آهي.
گهرو وزير چيو ته پاڪستان طرفان نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي اسٽيڊيم ۾ بنا تماشائين جي ميچ کي??ڻ جي به آڇ ڪئي وئي پر انهن ڪابه ڳالهه نه مڃي. گهرو وزير چيو ته اهڙي موقعي تي جڏهن پاڪستان دنيا ۾ امن جو سڀ کان وڏو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ دهشتگرديءَ خلاف ڀرپور قسم جو عزم رکي ٿو، اهڙي وقت ۾ هڪ سازش تحت نيوزيلينڊ جي ان دؤري کي ملتوي ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جي نيشنل ڪرائيسز مئنجمينٽ سيل به تمام بهترين ڪم ڪيو ۽ ٻُڌايو ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو سيڪيو??ٽي ٿريٽ جو ڪو اطلاع ناهي. هن چيو ته اسان جو ملڪ هڪ ذميوار آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته هتي ڪرڪيٽ کي??ي وڃي. وزيراعظم عمران خان هڪ رانديگر طور ورلڊ ڪپ کٽيو جيڪو اسان لاءِ اعزاز آهي.
هن چيو ته ان سازش جي پٺيان لِڪل هٿ ضرور ظاهر ٿيندا. گهرو وزير چيو ته اسان افغان امن جا حامي آهيون، اسان جون سموريون سرحدون محفوظ آهن، ڪجهه ڳُجها هٿ پاڪستان کي قربانيءَ جو ٻڪر بڻائڻ چاهين ٿا ۽ چاهين ٿا ته خونريزي ٿئي پر انهن جي خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿيندي. شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪستان جو اميج بهتر ٿيندو اسان افغان بارڊر کي محفوظ ڪيو آهي، ڪوبه پناهگير هاڻوڪن ڏنهن ۾ پاڪستان ناهي آيو ۽ پاڪستان ۾ ڪابه پناهگيرن ڪيمپ ناهي ڪئي وئي.