اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت روانگي واپار ڪندڙن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. روانگي واپار جو ماپو وڌائڻ جي لاءِ غير روايتي م??نو??ات تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ پاڪستاني سفارتخانن ۾ مقرر آفيسرن لاءِ هدف متعين ڪيا وڃن. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽ?? معيد يوسف ۽ سينئر آفيسر به موجود هئا. اجلاس ۾ ڪامرس ڊويزن تقابلي جائزو پيش ڪندي آگاهه ڪيو ته سال 18 -2015ع کان سال 21 -2020ع جي دوران ويليو ايڊيڊ روانگي واپار ۾ 3.8 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو، انهي مدي دوران غير روايتي م??نو??ات جي روانگي واپار ۾ 2.7 ارب ڊالر جو اضافو ٿيو، اهو اضافو موجوده حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ روانگي واپار ڪندڙن کي ڏنل مراعتن جي ڪري ممڪن ٿي سگهيو. اجلاس کي آگاه ڪيو ويو ته روايتي طور تي پاڪستان کان ٽيڪسٽائيل جي م??نو??ات برآمد ڪئي پئي وئي تنهن هوندي به برآمدات جي ماپي کي وڌائڻ لاءِ غير روايتي م??نو??ات سميت معدنيات، فوڊ پراڊڪٽس، فروٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، سرامڪس وغيره برآمد ڪندڙن لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، وزيراعظم عمران خاان چيو ته حڪومت برآمد ڪندڙن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي، هن چيو ته برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ م??نو??ات ۾ جدت آڻي جاگرافيائي طور تي انهن ملڪن تي ڌيان ڏنو وڃي جتي پاڪستاني م??نو??ات جي مارڪيٽ موجود آهي، هن چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ مقرر آفيسرن جي لاءِ برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ هدف مقرر ڪيا وڃن ۽ انهي بنياد تي ان جي ڪارڪردگي جا??ي ويندي.