اسلام ??با?? – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان غريب طبقي جي ل??ءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام کي جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت کي عام ماڻهو تي مهانگائي جي اثرن جو ا??ساس آهي، صحت ڪارڊ، ??با??گار ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جي دائري کي وڌايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو ا??هار هن پنهنجي صدارت ۾ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته غريب طبقي جي ل??ءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو وڏو پروگرام جلد شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت کي غريب طبقي تي مهانگائي جي اثرن جو ا??ساس آهي ۽ انهي ل??ءِ حڪومت صحت ڪارد، ??با??گار ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جي دائري کي وڌائي رهي آهي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ اٽي جي وڌندڙ قيمت تي ڳڻتي جو ا??هار ڪيو ويو. ان کان اڳ غربت جي خاتمي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم عمران خان کي احساس ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پنجاب جي ناڻي واري وزير مخدوم هاشم جوان بخت، خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري وزير تيمور سليم جهڳڙا، نيشنل بئنڪ جي صدر عارف عثماني، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل مالي معاونت سان شروع ڪيو ويندو جنهن تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اڳ ۾ ئي دلچسپي جو ا??هار ڪيو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي و??ي ته اهي به ان ۾ شامل ٿين. ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام جي تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته پٺتي پيل طبقي کي مهانگائي کان بچائڻ جي ل??ءِ احساس ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام هلندڙ سال جلد جاري ٿيندو، پروگرام جي ل??ءِ احساس ۽ نيشنل بئنڪ جي حصيداري سان موبائيل پوائنٽ آف سيل نظام تيار ڪيو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته احساس جي اهل خاندانن کي ان پروگرام ذريعي مخصوص شين تي ڪرياني اسٽور تان خريداري تي رعايت ملندي.