اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ا??د قيصر جي صدارت ۾ پاڪ افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم جي خاص معاون محمد شهزاد ارباب، قومي اسيمبلي ميمبرن محمد يعقوب شيخ ۽ محسن داوڙ شرڪت ڪ??ي. ??جلاس ۾ گهرو وزارت، واپار، ڪسٽم، بورڊ آف انويسٽمينٽ، ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، پي آءِ اي جي نمائندن پڻ شرڪت ڪ??ي. ??جلاس ۾ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، هوم ڊپارٽمينٽ خيبرپختونخواهه جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. اجلاس ۾ پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ واپار جي معاملن تي خيان جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ??سپيڪر ا??د قيصر چ??و ته افغانستان پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا مفاد هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، پاڪ افغان واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ بارڊر مئنيجمينٽ جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پاڪ افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي گذريل ٻن سالن کان پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ واپار ۾ اضافي جي لاءِ ساراهه جوڳو ڪردار ا??ا ڪيو آهي. پاڪ افغان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو هر هفتي اجلاس گهرايو ويندو. افغانست??ن ۾ پائيدار امن جو قيام خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ لازمي آهي. افغانست??ن ۾ امن ۽ استحڪام سان وچ ايشيائي ملڪن تائين روانگي واپار ۾ اضافي جا موقعا پيدا ٿيندا. پاڪ افغان واپار ۾ ايندڙ رڪاوٽن جو حل ڪڍڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ملوزم آهن، پاڪ افغان واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. پاڪ افغان لاڳاپن ۽ واپار جي حوالي سان معاملن تي ايو??ن ۾ بحث ڪرايو ويندو. اسپيڪر لاڳاپيل عملدارن کي پاڪ افغان بارڊرز تي ڪنٽينرز جي اسڪينگ ۽ ڪسٽم ڪليئرنس ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته پاڪ افغان بارڊر تي سلو اسڪينگ ۽ ڪسٽم ڪليئرنس ۾ دير جي ڪري واپارين کي واپاري سامان خراب ٿيڻ سميت ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. خيبرپختونخواهه جي هوم ڊپارٽمينٽ ٻڌايو ته ڪميتي جي هدايت تي چيف سيڪريٽري کي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ بس سروس جي بحالي لاءِ سمري موڪلي وئي آهي.