GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

سپريم ڪورٽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي چئن هفتن جي لاءِ ملتوي

image

اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي چئن هفتن جي لاءِ ملتوي ڪندي وفاقي حڪومت کان ايندڙ ٻڌڻي تائين معاملي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ گذريل حڪمنامي تي عملدرآمد جي هدايت ڪندي پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته حڪومت اي پي ايس پشاور سانهي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف قدم کڻي، متاثر والدين جو موقف وٺي ڪارروائي ڪئي وڃي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان عدالت آڏو پيش ٿي عدالت کي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته قانون جي بالادستي تي يقين رکون ٿا، ڪو قانون کان مٿانهون نه آهي، عدالت حڪم ڏي، ايڪشن کڻندس. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد پڇيو ته ڇا ذميوارن جي خلاف ڪيس داخل ٿيو؟ جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته اڳوڻي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي خلاف انڪوائري رپورٽ ۾ ڪي فائنڊنگ نه آهن. چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته اربين رپيا انٽيلي جنس تي خرچ ٿين ٿا، عوام جي حفاظت جي ڳالهه اچي ٿي ته انٽيلي جنس ڪٿي هلي وڃي ٿي، عوام ۽ ٻارن کي اسڪولن ۾ مرڻ جي لاءِ نه ٿو ڇڏي سگهجي، چوڪيدار ۽ سپاهين جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، اصل ۾ ته ڪارروائي مٿان کان شروع ٿيڻ گهرجي ها، جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته ادارن کي خبر هجڻ گهرجي ها ته قبائلي علائقن ۾ آپريشن جو ردعمل ايندو، سڀ کان نازڪ ۽ آسان هدف اسڪول جا ٻار هئا، اهو ممڪن نه آهي ته دهشتگردن کي اندر کان سپورٽ نه ملي هجي، متاثره والدين کي تسلي ڏيڻ ضروري آهي، والدين چاهين ٿا ان وقت جي اعليٰ عملدارن جي خلاف ڪارروائي ٿئي. ٻڌڻي دوران عدالت پاران طلب ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان عدالت آڏو پيش ٿيو، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وفاقي وزير علي زيدي، خاص معاون علي نواز اعواڻ، سينيٽر عون عباس بپي پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم عمران خان روسٽرم تي اچي عدالت کي آگاهه ڪيو ته جڏهن اي پي ايس پشاور سانحو ٿيو ته صوبي ۾ اسان جي حڪومت هئي، واقعي جي ڏينهن ئي پشاور ويو هئس، اسپتال وڃي زخمين سان به مليس، واقعي جي وقت اسڪول جي ٻارن جا والدين سڪتي ۾ هئا، صوبائي حڪومت جيڪو به مداوو ڪري سگهيندي هئي ڪيو، سمورين سياسي پارٽين اختلافن کي هڪ طرف رکي اي پي ايس سانحي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو، اسان جا 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا، دهشتگردي جي خلاف اسان جنگ ان لاءِ کٽي ته پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل رهي، اسان جو اسامه بن لادن ۽ افغانستان جي صورتحال سان ڪو واسطو نه هو، آئون چوندو رهيس ته آمريڪا جي جنگ ۾ شامل نه ٿيو، آمريڪي دٻاءُ تي مشرف ٻاهرئين جنگ ۾ شامل ٿيو، افغانستان ۾ طالبان حڪومت اچڻ کانپوءِ داعش، ٽي ٽي پي ۽ بلوچ عليحدگي پسند پاڪستان اچي ويا، طالبان حڪومت کانپوءِ اڍائي لک ماڻهو پاڪستان جي رستي ٻاهر ويا، انهن ماڻهن جي آڙ ۾ دهشتگرد پاڪستان ۾ روپوش ٿيا، اسان جو نائن اليون سان ڪو تعلق نه هو، متاثر والدين جيڪي نالا ڏنا انهن مان ڪير مقدس ڳئون نه آهي، قانون جي بالادستي يقين رکان ٿو، ڪو قانون کان مٿانهون نه آهي نه ئي مقدس ڳئون، اخلاقي ذميواري تحت ڪيئن ڪيس داخل ڪريون، عدالت ڪميشن ٺاهي، عدالت حڪم ڪري آئون ايڪشن کڻندس. ان دوران اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اي پي ايس سانحي تي ماڻهن کي ڦاهيون ڏنيون ويون. ان دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته اهو نه ٿا چئون ته ايف آءِ آر داخل ڪريو، ماڻهن جي خبر ته پوي ته ذميوار ڪير آهي، شهيدن جي والدين کي ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي، ڪجهه نه ڪجهه ڪاروائي ته ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته غيرجانبداري سان والدين جي نامزد ماڻهن کان جاچ ته ٿئي، توهان کي اڳواٽ منصوبابندي ڪرڻي پوندي، عدالتي حڪم ۾ نالا واضح آهن، اعليٰ سطحي ڪميٽي جاچ ڪري سگهي ٿي، عدالت کي خاطري ڪرايو توهان ايڪشن کڻندا، واضح قدم کڻي عدالت کي آگاهه ڪريو، تعين ڪريو ته ڪنهن جي ڪهڙي ذميواري هئي، حڪومت کي ڏسڻو پوندو ته سانحي جي پٺيان ڪهڙا سبب هئا، سمجهون ٿا ته سانحو ان وقت جي حڪومت جي ناڪامي هئي. ان دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان جو مسئلو حل ٿيڻ تائين مسئلو رهندو، وزيراعظم عمران خان عدالت کي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته قانون جي بالادستي تي يقين رکان ٿو، ڪو قانون کان مٿانهون نه آهي نه ئي مقدس ڳئون، عدالت حڪم ڪري آئون ايڪشن کڻندس، اسان نيشنل انٽيلي جنس ڪوآرڊينيشن ڪميشن ٺاهي جيڪا معاملي کي ڏسي رهي آهي. چيف جسٽس گلزار احمد وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن جي خلاف ڪجهه ملي ٿو ته ڪارروائي ڪريو، 7 سالن کان ڪنهن وڏي جي خلاف ڪارروائي ناهي ٿي، هاڻي توهان بااختيار وزيراعظم آهيو. ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏنا ته مظلوم جو ساٿ ته اهو ئي آهي ته ظالم جي خلاف ڪارروائي ٿئي. اعليٰ عدليه وفاقي حڪومت کان ايندڙ ٻڌڻي تائين معاملي تي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي چئن هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ گذريل حڪمنامي تي عملدرآمد جي هدايت ڪندي پنهنجي حڪم ۾ قرار ڏنو آهي ته حڪومت اي پي ايس پشاور سانحي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف مثبت قدم کڻي، حڪومت والدين جو موقف وٺي ڪارروائي ڪري. وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ کي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.

مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2