اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو مهانگائي سنگل ڊيجٽ تي آئي آهي، وفاق 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ بجلي صارفين کي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني جڏهن ته پنجاب 201 يونٽ کان 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ پنهنجي صوبي ۽ وفاق جي بجلي صارفين کي 45 ارب رپين جي سبسڊي ڏني، ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها ته ٽمبر مافيا ۽ تمباڪو مافيا کان پئسا وٺندڙ به پنهنجي صوبي جي بجلي صارفين کي اهڙي طرح جي سهولت ڏين ها. هو قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران قومي اسيمبلي ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو. قومي اسيمبلي ميمبر زبير خان جي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هيٺئين ۽ مٿئين ڏکڻ وزيرستان ۾ نادرا جا 5 سينٽرز ڪم ڪري رهيا آهن، برمل ۽ مڪين تعلقن ۾ نادرا سينٽرز قائم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي، انهن ٻنهي تعلقن ۾ سيڪيورٽي مسئلا آهن، گهرو سيڪريٽري کي پڻ هدايت ڪريان ٿو ته ٻين تعلقن وانگر ڏکڻ وزيرستان جي برمل ۽ مڪين ۾ پڻ نادرا سينٽرز قائم ڪيا وڃن. هن چيو ته ڏکڻ وزيرستان ۾ مجموعي طور تي 8 نادرا مرڪز هوندا. قومي اسيمبلي ميمبر مولانا عبدالغفور حيدري جي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ اسٽيٽ بئنڪ مهانگائي جي حوالي سان نوان انگ اکر جاري ڪيا آهن، ٽن سالن ۾ پهريون ڀيرو مهانگائي سنگل ڊيجٽ 9.6 سيڪڙو تي آئي آهي. هن چيو ته محمد نواز شريف 2018ع ۾ 4 سيڪڙو تي مهانگائي ڇڏي ويو هو، جتي پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، اتي مهانگائي جو سنگل ڊيجٽ تي اچڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪاميابي جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته گهرو وزير باقاعدگي سان ايوان جي ڪارروائي ۾ شرڪت ڪري ٿو، ڪجهه مصروفيتن جي ڪري اڄ هو ايوان جي ڪارروائي ۾ موجود نه آهي، ايندڙ اجلاس ۾ هو ايوان ۾ موجود هوندو. قومي اسيمبلي ميمبر شاهده رحماني جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد جي لي آئوٽ پلان کي ڏٺو وڃي ته هتي پلاننگ ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهي. نجي هائوسنگ سوسائٽين کي ماسٽر پلان موجب اجازت ڏني وڃي ٿي. جيڪي سوسائٽيون سي ڊي اي کان منظوري نٿيون وٺن، قانون موجب انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي ۽ جڏهن اهي سوسائٽيون سي ڊي اي کان اجازت وٺن ٿيون ته انهن کي قانون موجب ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ٿو. قومي اسيمبلي ميمبر شاهد احمد جي ضمني سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاق 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ بجلي صارفين کي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني جڏهن ته پنجاب پنهنجي صوبي ۽ وفاق جي لاءِ 45 ارب رپين جي سبسڊي ڏني. ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها ته پنجاب صوبي بجلي تي جيڪا سبسڊي ڏني آهي، ٻيا صوبا به ان جي پوئيواري ڪن. پنجاب نه رڳو پنهنجي صوبي پر وفاقي گادي واري شهر جي بجلي صارفين کي پنهنجي فنڊز مان سبسڊي ڏني. ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها ته ٽمبر مافيا، تمباڪو مافيا کان پئسا وٺندڙ به پنهنجي صوبي جي صارفين کي اها سهولت ڏين. قومي اسيمبلي ميمبر شرميلا فاروقي جي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ڊبليو ڊي سميت جيڪي وزارتون ختم ٿي رهيون آهن انهن جي ڪجهه ملازمن کي رکيو ويندو يا انهن کي گولڊن هينڊ شيڪ ڏنو ويندو. هن چيو ته اهڙي طرح ايف آءِ اي جي ڪيپسٽي سائبر ڪرائيم کي انويسٽي گيٽ ڪرڻ جي نه آهي، ان حوالي سان نئين انويسٽيگيشن ايجنسي جي منظوري ڏني وئي آهي، جيستائين اها مڪمل طور تي ڪم نٿي ڪري، هينڊ هولڊنگ جاري رهندي. هن چيو ته اهو ڏٺو ويندو ته ڪهڙن ايف آءِ اي جي ملازمن کي ان ۾ ضم ڪيو ويندو، اڃا اها شروعاتي مرحلي ۾ آهي، جيئن ئي ان جا پروسيجر مڪمل ٿيندا، ان کانپوءِ ان کي ڏٺو ويندو ته ان کي ڪهڙي طرح اڳتي وٺي هلڻو آهي. سردار نبيل گبول جي سوال تي عطاءُ الله تارڙ چيو ته ايف آءِ اي جا سائبر ڪرائيم تحت ڪيسز ختم نه ٿيندا، اهي ڪيسز نئين سائبر ڪرائيم ايجنسي کي منتقل ٿيندا. قومي اسيمبلي ميمبر ساحر ڪامران جي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نوجوانن کي فني تربيت ڏيڻ جي لاءِ حڪومت نوان قدم کنيا آهن. نيفٽيڪ جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي پئي وڃي، ٻاهرئين ملڪ افرادي قوت جي گهرج کي ڏسندي مقامي افرادي قوت کي تربيت ڏني ويندي. قومي اسيمبلي ميمبر آسيه ناز تنولي جي سوال تي وفاقي وزير چيو ته ٽينٿ ايونيو جي تعمير وقت جي ضرورت هئي، جڏهن به ڪو نئون رستو تعمير ڪيو وڃي ٿو ته ان جي سروي ڪئي وڃي ٿي، ٽريفڪ ڪائونٽ ۽ سروي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو وڃي ٿو ته اهو رستو تعمير ٿيڻو آهي يا نه. اسان وٽ جڏهن ڊيٽا آئي ته ان کانپوءِ ان جي تعمير جو فيصلو ڪيو ويو. قومي اسيمبلي ميمبر خورشيد جوڻيجو جي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ مارگلا نيشنل پارڪ کانسواءِ ليڪ ويو پارڪ ۽ گرين ايرياز ڊيولپ ڪيا ويا آهن. قومي اسيمبلي ميمبر شهزاده محمد گستاسب خان جي سوال تي وفاقي وزير چيو ته ججز جي سيڪيورٽي تي 34 گاڏيون، بيوروڪريٽس سان گڏ 6 ۽ وزيرن سان گڏ سيڪيورٽي جون چار گاڏيون مقرر آهن، مجموعي طور تي 44 گاڏيون ۽ 532 پوليس اهلڪار شخصيتن سان گڏ سيڪيورٽي تي مقرر آهن. قومي اسيمبلي ميمبر عاليه ڪامران، شاهده رحماني ۽ ڊاڪٽر نثار جي سوال تي هن چيو ته پارليامينٽ هائوس ۽ پارليامينٽ لاجز جي صفائي سٿرائي سي ڊي اي جي ذميواري آهي، ان ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي، اسپيڪر کي درخواست ڪنداسين ته ان حوالي سان ايوان جي خصوصي ڪميٽي جوڙي، پارليامينٽ هائوس ۽ لاجز جي صفائي سٿرائي جي لاءِ سي ڊي اي جي لاءِ رڳو 6 ڪروڙ جا فنڊز رکيا ويا هئا. موجوده اسٽاف ۽ مسئلن موجب صفائي سٿرائي جو ڪم سرانجام ڏنو پيو وڃي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته منهنجي خيال ۾ پارليامينٽ لاجز ۽ پارليامينٽ هائوس جي صفائي سٿرائي جي سارسنڀال کي آئوٽ سورس ڪيو وڃي. سي ڊي اي کي جيترو فنڊ ملي ٿو اهو اڌ کان وڌيڪ ملازمن جي پگهارن ۾ هليو وڃي ٿو. شرميلا فاروقي ۽ رعنا انصر جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جينڊ بيسڊ ڪرائمز ۽ ٻارن سان زيادتي هڪ حقيقت آهي، اهي ٻئي معاملا انتهائي غور طلب آهن، معزز ميمبر تمام سٺا نقطا اجاگر ڪيا آهن. هن چيو ته ايف نائين پارڪ جي جوابدارن کي نه رڳو گرفتار ڪيو ويو پر انهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف نائين پارڪ جي واقعي جي جاچ هلي رهي آهي، جينڊ بيسڊ ڪرائيمز ۽ ٻارن سان زيادتي جي معاملن جي حوالي سان هڪ ڪميٽي قائم آهي. ان ڪميٽي جو صوبن سان به رابطو آهي. اسلام آباد پوليس به انهن ڪرائيمز بابت پوري طرح متحرڪ آهي. معمول جي پيٽرولنگ کي پڻ وڌايو ويو آهي. ان بابت گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي حوالي سان اسان ڪليئر آهيون، ايف نائين پارڪ جي حوالي سان به معاملا هلي رهيا آهن. ظاهر جعفر ۽ ڪراچي ۾ عورت پاران ماڻهن کي چيڀاٽڻ جي معاملن ۾ عدالتي سڌارن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪيس داخل ٿي وڃي ٿو، سزا به ٿي وڃي ٿي پوءِ ڪيس اپيل ور چڙهي وڃي ٿو. ايم اين اي اسد قيصر ۽ عمر ايوب جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسد قيصر هن هائوس جو ڪسٽوڊين رهيو آهي، اسلام آباد ۾ پوليس جون مجموعي طور تي 22 چيڪ پوسٽون آهن، انهن چيڪ پوسٽن تي گذريل ٻن سالن ۾ 145 ڏوهاري ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، امن امان جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ وفاقي گادي واري شهر ۾ پوليس چيڪ پوسٽون ختم نٿيون ٿي سگهن، جيڪڏهن ڪنهن به چيڪ پوسٽ تي پوليس اهلڪار بدتميزي ڪري يا مبينا رشوت وٺي ته اسان کي درخواست ڏين، يقين ڏياريان ٿو ته لاڳاپيل پوليس اهلڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته ڇاپن جي لاءِ روانو ڪئي ويندڙ نفري ٿاڻي ۾ رجسٽر روانگي تحت موڪلي وڃي ٿي، اهو نه ٿو ٿئي ته چيڪ پوسٽ تي بيٺل ماڻهن کي ڇاپن جي لاءِ موڪليو وڃي، وڏن وڏن عهدن تي رهندڙن کي اهو به معلوم نه آهي ته چيڪ پوسٽن کي ڇاپن جي لاءِ استعمال نٿو ڪيو وڃي.