اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خ??ص معاون ڊ??ڪٽ?? ظفر مرزا چيو آهي ته پاڪستان ۾ 6 کان 8 هفتن ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي دوا ٺهڻ شروع ٿي ويندي، ان قدم سان پاڪستان ۾ ڪورونا جي مريضن ۽ هيلٿ ورڪرز کي ڪوويڊ 19 جي وبا کي من??ن ڏيڻ جي لاءِ جديد بنيادن تي سهولت ملي ويندي، آمريڪن ڪمپني پاڪستاني ڪمپني بي ايف بائيو سائنسز کي ڪورونا وائرس جي دوا ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، دنيا ۾ ٻن ملڪن کي دوا ٺاهڻ جي اجازت آهي، پاڪستان ان ۾ سرفهرست آهي، GILEAD ڏکڻ ايشيا جي 5 مينوفيڪچررز سان معاهدو ڪيو آهي، اهو قدم پاڪستان جي صحت جي شعبي، معاشي ۽ سفارتڪاري ج?? ميدان ۾ اهم اڳڀرائي آهي. وزيراعظم جي صحت واري خ??ص معاون ڊ??ڪٽ?? ظفر مرزا، واپار واري خ??ص معاون عبدالرزاق دائود، فارماسيوٽيڪل ڪمپني جي سربراهه عثمان خالد نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا.