اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪوويڊ 19 کان متاثر مريضن جي استعمال ۾ ايندڙ هڪ دوا (انجيڪشن remdesivir) جي قيمت مقرر ڪرڻ جي منظور?? ڏني آهي، ان دوا جي درآمد تي ڊيوٽي لاڳو نه هوندي، وفاقي ڪابينا گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ٻارن جي حقن جي تحفظ جو بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي، وزيراعظم حڪم ڏنو ته وچ اوڀر ۾ ڦاٿل ??اڪ??تانين خاص طور تي پورهيت طبقي کي واپس آڻڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن ۽ ان حوالي سان سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، وزيراعظم تعميراتي شعبي جي فروغ جي لاءِ اين سي او سي (نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر) جي طرز تي نئون ??اڪ??تان هائوسنگ اٿارتي تحت اعليٰ سطحي ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن جا نمائندا شامل هوندا، ڪميٽي روزاني جي بنياد تي تعميرات جي شعبي ۾ درپيش مسئلن جو فاسٽ ٽريڪ حل يقيني بڻائيندي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي ??ري??نگ ڏيند?? ٻڌايو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم ڪورونا جي صورتحال جو ملڪي معيشت ۽ خاص طور تي عام عوام جي زند??ين تي منفي اثرن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪورونا جي ڪري ملڪي معيشت کي استحڪام ڏيڻ جون حڪومتي ڪوششون متاثر ٿيون آهن، معاشي عمل کي جاري رکڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت تعميرات جي شعبي کي تاريخي مراعاتي پئڪيج ڏنو آهي.