اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي اندرئين ۽ ٻاهرين سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، چيئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنر?? نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ??مر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان ۽ ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس ليفٽيننٽ جنرل ??يض حميد اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ملڪ جي اندرئين ۽ ٻاهرين سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان جي خودمختياري جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو.