اسلام ??باد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان يوم عاشور 10 محرم الحرام 1442هه جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ سڄي دنيا ۾ مسلمان جگر گوشه بتول رضه، نواسه خاتم النبيين صلعي الله عليه وعلي آله و اصحٰبه وسلم، امامِ عالي مقام ??ضرتِ امام ??سين رضي الله تعاليٰ عنه جي شهادتِ عظميٰ جي بي مثال ۽ لازوال ??رب??ني جي ياد کي تازو ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ يوم عاشور مختلف لحاذن کان وڏي اهميت رکندڙ آهي تنهن هوندي به تاريخ اسلام ۾ ان ڏينهن کي هڪ ڌار تڪريم ۽ بلندي ۽ خاص اهميت ۽ انفراديت امام ??الي مقام ??ي شهادت ۽ ڪربلا واقعه جي ڪري حاصل ٿي آهي، هن چيو ته ڪربلا جو اهو عظيم معرڪو جيڪو حق ۽ باطل ۾ ٿيو اهو اسان کي اها ڳالهه سمجهائي ٿو ته اسلام ??ي اعليٰ قدرن جي فروغ ?? اصولن لاءِ ڪنهن به ??رب??ني کان پاسو نه ڪرڻ ئي وڏي ڪاميابي آهي، وزيراعظم چيو ته جذبه شبيري مسلمانن جي ايمان ۽ يقين، سچائي ?? اصول پسندي جي روايتن کي جلا بخشي ٿو، اهو اسلام ??ي ابدي پيغام ۽ جذبه ??رب??ني جي لازوال ۽ روح پرور روايت جي آبياري جو سرچشمو به آهي جنهن جو مثال انساني تاريخ ۾ مشڪل سان ملي ٿو.