اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن تي شهرين جي شڪايتن جو نوٽيس وٺي ورتو آ??ي، وڌيڪ قيمتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ناجائز منافعي خورن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سٽيزن پو??ٽل تي شهرين جي موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن جي حوالي سان شڪايتن جو نوٽيس وٺي ورتو آ??ي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ موا??لا?? واري وزارت، اين ايڇ اي ۽ آءِ جي موٽروي کي خط لکيو آ??ي. خط ۾ چيو ??يو آ??ي ته موٽروي ريسٽ ايرياز تي قيمتن جي مانيٽرنگ جي لاءِ خصوصي ٽيمون مخصوص ڪيون وڃن، ٽيمون موٽروي ريسٽ ايرياز تي ڏينهن ۽ رات باقاعدگي سان ڇاپا هڻن. ٽيمون ضرورت موجب ضلعي انتظاميا کان ڪنهن به وقت مدد وٺي سگهن ٿيون. موٽروي ريسٽ ايرياز تي وڌيڪ قيمتن جي خلاف فوري ۽ سخت ايڪشن ورتو وڃي، موٽروي ريسٽ ايرياز تي مسافرن ۽ سياحن جي آگاهي جي لاءِ بينرز هنيا وڃن. سٽيزن پو??ٽل تي شڪايتن جي آگاهي بابت پڻ ريسٽ ايرياز ۾ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس لاڳاپيل عملدارن کي 21 ڏينهن ۾ شروعاتي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. قدمن جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ۽ پو??ِ جي تقابلي رپورٽ پڻ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي.