اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير سينيٽر ??بلي فراز چيو آهي ته پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر رياست ٺاهڻ اس??ن جي اصل منزل آهي، وزيراعظم عمران خ??ن جي قيادت ۾ پنهنجي منزل کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گامزن آهيون، رستي ۾ رڪاوٽون ختم ٿينديون وينديون، حڪومت جي قدمن ۽ پاليسين جا ??مر جلد عوام کي نظر ايندا، ??ها??گائي جي روڪٿام اس??ن جي اولين ترجيح آهي، نه ته پي ٽي وي جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي ۽ نه ئي ملازمن کي ڪڍيو پيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ غذائي تحفظ وار?? وفاقي وزير سيد فخر امام ۽ صنعت ۽ پيداوار وار?? وفاقي وزير حماد اظهر سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو، وفاقي وزير سينيٽر ??بلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين ان ڳالهه تي زور ڏيندو آهي ته رياست ۾ عام ماڻهو کي هر ممڪن سهولت ميسر هوندي، مسئلا ۽ مشڪلاتون انهن جي گهر جي چائنٺ تي حل ٿين، اهو ئي مديني جي رياست جو ماڊل آهي، اصل ۾ اس??ن جي منزل جو تعين ٿي چڪو آهي ۽ اس??ن جي رخ به درست آهي، منزل تائين پهچڻ جي لاءِ وقت لڳندو آهي ۽ رستي ۾ رڪاوٽون به اينديون آهن، انهن سمورين رڪاوٽن کي اسان عبور ڪري پنهنجي منزل مقصود تائين پهچڻو آهي.